سنڌ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون وڌي ويون آھن: ڪومل چانڊيو

ميھڙ(ن ع آ)  ھيومن رائيٽس محب وطن پاڪستان جي اڳواڻ ڪومل چانڊيو نيشنل پريس ڪلب ميھڙ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي  ته سنڌ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون وڌي ويون آھن ۽ داد رسي  نه ھجڻ سبب ظلم جو شڪار عورتن  کي انصاف نه پيو ملي ادارا بي حس ٿي ويا آھن جنھن سبب انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا واقعا وڌي رھيا آھن. سنڌ ۾ عورتن جي حقن لا۽ ڪو به متحرڪ سيل يا مرڪز قائم ناھن ڪيا ويا ھن چيو  ته سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي مد نظر رکندي اسان جي تنظيم پاران تعلقي ليول تي قانوني مدد لا۽ ھڪ سيل قائم ڪيو ويندو جتي بي پھچ ۽ ڏاڍاين جو شڪار ٿيل ماڻھن کان شڪايتون وٺڻ بعد انھن کي قانوني ۽ اخلاقي مدد ڏني ويندي تہ جيئن متاثر ماڻھن کي انصاف ملي سگھي ھن چيو تہ ملڪ ۾ انصاف جو حصول سستو ۽ سولو ڪيو وڃي  ته جيئن عام ماڻھو کي فائدو ملي سگھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.