قاضي احمد ۾ اٽي جي اگهه واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو

قاضي احمد (ن ع آ) سنڌ سميت قاضي احمد ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ھٿرادو مهانگائي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪزي سڏ  تي تعلقي صدر قربان مھڙ ڏاڏو مھر غلام حسيـن سنگراھ ايم ايس لاکو ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سماٽ سي اين جي کان پريس ڪلب قاضي احمد تائين ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران اٽي جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ ڪري غريب پورهيت طبقي کان ٻن ويلن جي ماني جو حق به کسي ورتو آهي، ڏهاڙي ڪمائڻ وارن مزدورن جا ٻچا بُکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، تيزي سان وڌندڙ مهانگائي غريب طبقي کي پيڙهي ڇڏيو آهي، ڀوتارن، بيورو ڪريٽ، سياستدانن ۽ حڪمرانن ڪرپشن ڪري ملڪيتون ٺاهي ورتيون آهن، انهن کي مهانگائي جي ڪهڙي پرواھ غريب طبقو پريشان آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد اٽي جا هٿرادو اگهھ گهٽايا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.