لاڙڪاڻي ۾ ڌار ڌار 5 مقابلا، ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس 5 ڌار ڌار مبينا مقابلن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم سميت ٻين وارداتن ۾ ملوث 5 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ،  ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان ٻڌايو ته دڙي ٿاڻي جي پوليس جي مقابلي ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ بابر ولد ممتاز علي تونيو طور ٿي آهي جيڪو اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ سرگرم آهي ان مٿان الهه آباد، سول لائين، وليد، مارڪيٽ، سچل ۽ دڙي ٿاڻن تي 8 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، حيدري ٿاڻي جي پوليس جي مقابلي ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ ديدار ولد غلام سرور سولنگي طور ٿي آهي جيڪو اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ سرگرم آهي ان مٿان الهه آباد، سول لائين، وليد، مارڪيٽ، سچل، دڙي ۽ حيدري ٿاڻن تي 7 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ فهيم ولد مينهل ڪلهوڙو طور ٿي آهي جيڪو ڏوهن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ سرگرم آهي ان مٿان سول لائين، وليد، الهه آباد، مارڪيٽ، سچل، دڙي ۽ عاقل ٿاڻن تي 8 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، باڊهه ٿاڻي جي پوليس جي مقابلي ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ غلام شبير ولد عبدالحڪيم چانڊيو طور ٿي آهي جيڪو ڏوهن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ سرگرم آهي ان مٿان وارث ڏنو ماڇي، ڌامراهه ۽ باڊهه ٿاڻن ٿاڻن تي 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن ۽ رتوديرو پوليس جي باءِ پاس گهوٽيا لاڙي وٽ مقابلي ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ عبدالرحيم ولد برڪت علي جهتيال طور ٿي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.