ملير ۾ بد امني جي باهه، هڪ ئي رات ۾ چئن دڪانن کي کاٽ

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) ملير جو واپاري مرڪزي شهر ميمڻ ڳوٺ بدامني جي ور چڙهي ويو آهي گذريل هڪ ئي رات ۾ چئن دڪانن کي  کاٽ ۽ پنج لک رپيا ڦر ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ واپارين جو چوڻ آهي ته راشد ميمڻ کير جو دڪان بند ڪري رهيو هو ته اوچتو هٿياربندن هٿيارن جي زور تي 3 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ٿاڻي جي ويجهو سليمان ميمڻ جي دڪان کي کاٽ هڻي روڪ رقم ۽ سامان چوري ڪيو ويو ٻن وڌيڪ دڪانن جن ۾ اٽي جي چڪي مان پڻ ڦر ڪئي وئي هوڏانهن گهرن کان ٻاهر بيٺل ٻن موٽرسائيڪلن جي چوري ۽ ڦر ٿيڻ جا اطلاع پڻ مليا آهن. ان موقعي تي هنن مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ کي فوري طور هٽائي امن امان لاءِ رينجرز ۽ پوليس جون چوڪيون قائم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.