ملير ۾ پوليس مقابلو، 3جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ

ملير(ڊ.ر) اسٽيل ٽائون پوليس پاران گلشن حديد فيز 3 ۾ ڦورن سان مبينا مقابلي بعد ٽن ڦورن ساحل، سلامت ۽ ذيشان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٽي ٽي ٽي پسٽل، موبائل فون ۽ ڦر ڪيل روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون خالد عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گلشن حديد فيز 3 ۾ ڦر جي اطلاع تي پوليس جي پهچڻ تي هٿياربند ڦورن پاران پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ سبب ٽن ڦورن کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ڦورن پاران جاچ دوران شاھ لطيف ٽائون, گلشن حديد, ڊفينس سميت مختلف علائقن مان وارداتن جو اعتراف پڻ ڪيو آھي، پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.