تنگواڻي لڳ شاخ کي 50 فوٽ گهارو، ڪڻڪ جو فصل ٻڏي ويو

تنگواڻي( ن ع آ) ڳوٺ ھادي بخش باجڪاڻي تنگواڻي شاخ کي 50 فوٽ گهارو پئجي ويو گهارو لڳڻ سبب ڪڻڪ جو فصل مڇي فارم پاڻي هيٺ اچي ويو  پاڻي تيزي سان آبادي ڏانھن وڌڻ لڳو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو جنهن جي ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گهارو بند ڪرائڻ جي ڪوشش ٻئي طرف ڳوٺاڻن ٻڌايو ته آبپاشي عملي جي لاپرواهي سبب گهارو لڳو آهي اسان جو نقصان ٿيو آهي اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي اسان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.