منشيات وڪري خلاف ڪوٽڙي واسي روڊن تي نڪري آيا، ايس ايس آفيس اڳيان ڌرڻو

ڪوٽڙي(رپورٽ : جبار ڪابورو)ڪوٽڙيءَ سميت ڄامشوري ضلعي ۾ منشيات جي وڪري خلاف ٻولهاڙي اتحاد پاران جوڊيشل ڪامپليڪس کان شارٽ مارچ ڪري ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي  زوردار نعريبازي ڪئي وئي. ڪوٽڙيءَ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ نشي وارين سوپارين، مين پوري، چرس ۽ آئيس سميت ٻي منشيات جي وڪري خلاف ٻولهاڙي اتحاد جي سڏ تي وڏي تعداد ۾ نوجوانن سينيئر صحافي يوسف سارنگ، بابر چانڊيو، عرفان ملاح، ديدار ڪانڌڙو، راهي رحيم نوحاڻي، امتياز چوهاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جوڊيشل ڪامپليڪس کان شارٽ مارچ ڪري ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي زوردار نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ ڪوٽڙيءَ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات عام وڪرو پئي ٿئي، جنھنڪري نوجوان نسل تيزيءَ سان تباھ ٿي رهيو آهي پر پوليس انتظاميا منشيات فروشن آڏو بيوس بڻيل آهي. ھنن الزام هنيو تہ ڪوٽڙيءَ ۾ پوليس آفيسر منشيات فروشن جا سرپرست بڻيل آهن. نئين ايس ايس پي جي مقرري باوجود منشيات بند ناهي ٿي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪئي تہ ڪوٽڙيءَ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات بند ڪرائي منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.