ڪنڌڪوٽ ۾بدامني عوام جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، چوريون ڦرون معمول، احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪشمور ضلعي ۾ نياڻين کان ڦر ڪرڻ زخمي ڪرڻ وارن واقعن وڌندڙ بدامني اغوا قتل چوري وارداتن خلاف سول سوسائٽي،شھري اتحاد،جي يو آءِ،جماعت اسلامي،ھندو  پئنچائت،جسقم،ايس يو پي، ايس ٽي پي،قومي عوامي تحريڪ،پي ٽي آءِ،وڪلا سميت مختلف مڪتبئي فڪر جي ماڻھن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج ڪندڙن ڊاڪٽر سريش آنند ڀوڄواڻي، لياقت علي ملڪ،عبيدالله گولو،وڪيل محمد نواز بنگوار، اڪرم باجڪاڻي،سجاد بروھي،ابراھيم خاڪي،غلام مصطفيٰ ميراڻي،اشوڪ،عبدالعزيز سومرو،ھريش،والي ڏنو،حاجي الطاف،ڊاڪٽر ميھرچند،دلمراد ڏاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو بينر کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري وڌندڙ بدامني خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ھاڻي ته اسان جا ننگ به محفوظ نه آھن.ڦورو ڏوھارين کان نياڻين کي به نشانو بڻايو ويو آھي.اغوا،ڦر،ڌاڙن،جھيڙن، قتل ۽ بدامني جا ذميوار پوليس عملدار ۽ چونڊيل نمائندا آھن.هنن جو چوڻ هو ته جيستائين ڏوھارين خلاف ڪاروائي نه ٿيندي امن بحال نه ٿيندو ايستائين اسان جو احتجاج جاري رھندو،احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته 3 ڏينهن اندر ٿيل چوريون واپس نه ٿيون اغوا ٿي ويل مغوي واپس نه ٿيا ته پوليس خلاف احتجاجي مظاهرا ڌرڻا هنيا ويندا ۽ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو ۽ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.