پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو، لاڙڪاڻي بيواهه عورت جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ٺارو ديرو جي رهواسڻ بيواهه عورت پنهنجي پٽ سان گڏجي قتل ٿيل پٽ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڀائرن جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي بيواهه عورت الطاف خاتون ڪلهوڙو پنهنجي پٽ اعجاز ڪلهوڙو سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجي مرحوم پيءَ گل حسن ڪلهوڙو جي نالي تي ڳوٺ ۾ 36 جريب زرعي زمين آهي جنهن ۾ مون سميت منهنجون چار ڀينرون ۽ ٻه ڀائر حصيدار آهن پر ان جي باوجود ظالم ڀائرن وارن سموري زرعي زمين تي سالن کان وٺي قبضو ڪرڻ فصل کڻي رهيا آهن جن کان مون حصو پئي گهريو جنهن ڳالهه تان هنن ڪاوڙ ۾ اچي ملڪيت جي معاملي تان مهينو اڳ سول اسپتال جي ڪلارڪ ڀاءُ غلام اڪبر ڪلهوڙو، ضمير ڪلهوڙو سندس پٽ اسرار علي ڪلهوڙو ۽ ڏهوٽي محسن ڪلهوڙي صبح نائين وڳي منهنجي گهر ۾ گهڙي هٿيارن سان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو 28 سالن جو نوجوان پٽ غلام شبير عرف عارف ڪلهوڙو تڏي تي قتل ۽ ٻيو پٽ اعجاز احمد ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو،ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.