هاف فراءِ ٿيل پورهيتن جي وارثن جولاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو پوليس هٿان هڪ ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل باڊهه جي ڳوٺ انب پور واسي ٽن ٻارن جي پورهيت پيءُ عبدالرحيم جهتيال جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف پريس ڪلب  اڳيان احتجج ڪيو، ان موقعي تي پورهيت جي پيرسن پيءُ برڪت علي جهتيال پنهنجي گهر واري زرينه، ننهن ريحانه، ڌيئرن نظران، گلشاد، حميره، نصرت، پيرسن جنت خاتون جهتيال ۽ ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي سان گڏجي دانهيو ته منهنجو پٽ عبدالرحيم جهتيال باڊهه شهر ۾ ڏهاڙي تي چنگچي هلائي پنهنجي گهر واري سميت 6 سالن جي پٽ رحمٰن، 2 سالن جي عبدالرئوف ۽ 3 سالن جي ڌيءَ ريشمان سميت ٻين گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهي. هن الزام لڳايو ته پٽ مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪي به ڪيس داخل آهن پر ان جي باوجود 12 ڏينهن اڳ ايس ايڇ او باڊهه گلزار ٻرڙو پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪرڻ بعد کيس لڪائي سندس آزاديءَ لاءِ 2 لک روپيه رشوت گهري رشوت جا پئسا نه ڏيڻ تي ايس ايڇ او پٽ کي رتوديرو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جن گذريل رات دير سان پٽ کي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ان مٿان باڊهه، باقراڻي، سيهڙ ۽ رتوديرو ٿاڻن تي پنج مختلف ڪيس ظاهر ڪري وڏي ناانصافي ڪئي آهي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.