داد لغار ي جي قبرستان مان پوليس وڻ وڍرائي ڇڏيا، احتجاج

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ ) داد لغاري پوليس گذريل رات ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ غلام حسين لغاري جي پراڻي تاريخي قبرستان مان لئي ۽ ٻٻُر  سميت قيمتي وڻ وڍرائي کڻائي وئي آهي ان سلسلي ۾ ڳوٺ غلام حسين لغاري جي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته داد لغاري پوليس گذريل رات ڳوٺ غلام حسين لغاري پهچي ڳوٺ جي قديمي قبرستان مان لئي، ٻٻُر ۽ ٻيا قيمتي وڻ وڍرائي کڻي ويا آهن هنن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته داد لغاري پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.