ملير جي ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ جي ڪوشش، ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

ملير(رپورٽ جميل چانڊيو) گذريل برساتن بعد سنڌ جي مختلف علائقن مان دربدر ٿي ڪراچي ۾ قائم ٿيل ملير ٽينٽ سٽي جي رهواسين کي ڊي سي ملير پاران ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ واري ليٽر جي ڪجهه ڏينهن بعد ٻيهر  ٽينٽ سٽي مان انتظاميا پاران واٽر ٽينڪ کڻي وڃڻ تي متاثرين نڪري آيا جن پاران سخت احتجاج ڪندي گاڏي مان ٽينڪ لهرائي ڇڏيا، ان موقعي تي متاثرين پاران احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي متاثرين دانهيندي چيو ته  ضلعي عملدارن جا عملدار ٽينٽ سٽي پهچي اسان کي ڪيمپ خالي ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ گاڏي ۾ پاڻي جا ٽينڪ کڻي وڃڻ لڳا جنهن تي متاثرين پاران سخت احتجاج ڪندي سندن رستي روڪ ڪري سامان لهرايو ويو، هنن دانهيندي چيو ته ضلع ڪائونسل ۽ واٽر بورڊ جا عملدار مختلف وقتن تي اسان کي لڏڻ لاءِ ڌمڪيون ڏين ٿا جڏهن ته هتان جو اسڪول پڻ بند ڪرڻ سان گڏ صحت جون سهولتون پڻ گهٽائي ڇڏيون آهن هنن دانهيندي چيو ته سخت سردي واري صورتحال ۾ برسات متاثرين پريشاني جو شڪار آهن جڏهن ته ٿڌ سبب بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، ٽينٽ سٽي ۾ رهائش دوران ڏهه کان وڌيڪ متاثرين صحت جي اڻهوند سبب فوت ٿي چڪا آهن، متاثرين حڪومت کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان کي هتي روزگار ۽ اجهو ڏنو وڃي ٻئي طرف متاثرين جي احتجاج جي اطلاع تي جمعيت علماءَ اسلام جو مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا محمد اسماعيل مگسي ۽ ٻيا ٽينٽ سٽي پهچي ويا، ان موقعي تي ڳالهائيندي مولانا عبدالقيوم هاليجوي چيو ته گذريل برساتن سبب لکين سنڌ واسي دربدر ٿيا جن مان ڪيترن ئي متاثرين کي سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ رهائي اعلان ڪيو ته جيستائين سندن علائقن مان مڪمل طور تي پاڻي ختم نه ٿيندو ۽ بحالي نه ٿيندي ان وقت تائين کين ملير ٽينٽ سٽي ۾ سڀ بنيادي سهولتون ڏئي رهايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.