نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، ڏهرڪي ۾ وارثن جو احتجاج

ڏهرڪي/ رهڙڪي ( نمائندن وٽان  ) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ مير محمد ٽانوري ۾ ھڪ مھينو اڳ قتل ٿيل ٽانوري برادري جي نوجوان خادم ٽانوري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقتول نوجوان جي وارثن ۽ ٽانوري برادري جي  ماڻهن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي جامع مسجد چوڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن گلاب ٽانوري، غفار ٽانوري، عبدالمجيد ٽانوري،نعمان ٽانوري ۽ ٻين دانهيدي چيو ته مهر برادري جي شريف مهر ۽ ٻين هڪ مهينو اڳ پاڻي جي واري تي ويندڙ اسان جي نوجوان خادم ٽانوري کي گوليون هڻي قتل ۽ ارشد ٽانوري کي زخمي ڪيو هو جنهن بعد خادم ٽانوري جي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد واقعي کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود ڏهرڪي پوليس قتل ڪيس  ۾ نامزه جوبدارن کي گرفتار ناهي ڪيو پر مهر برادري جي نوجوان پاران ڪورٽ معرفت اسان جي 30 سڃاتل ۽ 35 اڻ سڃاتل ماڻهن مٿان گهرن ۾ ڀنڃ ڊاه ڪرائڻ جو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ڏهرڪي پوليس اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي انهن چيو ته ڏهرڪي پوليس اسان جي مقتول نوجوان جا قاتل پڪڙي اسان کي انصاف فراهم ڪرڻ بدران اسان جي نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هر روز گهرن تي چڙھايون ڪري حراسان ڪري رهي آهي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.