لاڙڪاڻي ۾ امتحاني فيس اوڳاڙي خلاف شاگردن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جو نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کان ڳاٽي ٽوڙ امتحاني فيس واري فيصلو برقرار، يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا شاگرد 350  روپيا فيس جمع ڪرائيندا، شاگردن ڏهين به احتجاج جاري رکيو. ان سلسلي ۾ تعليمي بورڊ طرفان نائين جماعت جي شاگردن کان 1100 ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کان 2600 روپيه امتحاني فيس اوڳاڙڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي غيرقانوني ۽ جائز سالياني امتحاني فيس جي اوڳاڙي خلاف گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاٰءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن ڪالهه ڏهين ڏينهن به ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيوان موقعي تي شاگردن علي رضا، شاهه محمد، نبيل دانهيو ته اسان جا والدين غريب ۽ پورهيت طبقي سان واسطو رکن ٿا جن کان ڳري فيس اوڳاڙڻ لاءِ اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي تعليمي بورڊ فيس اوڳاڙڻ جو عمل جلدي بند ڪري، پ پ چيئرمين  نوٽيس  وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.