سکر ۾ پوليس ڪارروايون، 30 کان وڌيڪ موٽر سائيڪل هٿ

سکر(رپورٽر) سکر پوليس پاران شهر ۾ اسنيپ چيڪنگ جي نالي تي موٽر سائيڪلون هلائيندڙن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني آهي. جڏهن  ته ايوب گيٽ، گرم گودي، شڪارپور ڦاٽڪ، سکر بئراج، قريشي ڳوٺ، نئون پنڊ ڦاٽڪ سميت مختلف هنڌن تي موٽر سائيڪلن جي چيڪنگ دوران گاڏين جا ڪاغذ نه هجڻ جو ڪارڻ ڄاڻائي 30 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون هٿ ڪري نئون پنڊ، اي سيڪشن، بي سيڪشن ٿاڻن تي بيهاري ڇڏيون، جنهن کانپوءِ ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ گاڏين جي تلاشي جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ ڪابه موٽر سائيڪل تحويل ۾ ناهي ورتي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.