ڪلوئي ۾ مهانگائي غريب عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، ايس ٽي پي جي سڏ تي ريلي

ڪلوئي( رپورٽ نواز لنڊ) ڪلوئي ھٿرادو مھانگائي ۽  اٽي جو ڳاٽي ٽوڙ ريٽ ۾ واڌ خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران عوامي پريس ڪلب  ڪلوئي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪلوئي ھٿرادو مھانگائي خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران عوامي پريس ڪلب ڪلوئي اڳيان جھنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  انھيءَ موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن نصرالله لنڊ ڪامريڊ مولابخش بجير نور محمد شيوارام ڪولھي محمد ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته ھٿرادو مھانگائي ڪري مسڪين پورهيت ماڻھن کي مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن نااهل حڪمرانن جي ڪن تي جوء به نه ٿي سري روز حڪومتي وزير ميڊيا جي سامهون ڪوڙي دعوا ڪري عوام کي بيوقوف ڪري رھيا آھن اٽو 65 في ڪلو آھي نوٽيفڪيشن جاري ڪري مسڪين پورهيت ماڻھن جو مذاق اڏائي رهيا آهن ڪٿي به سرڪاري ريٽ تي اٽو نه ٿو ملي ھن وقت سؤ ستر اسي روپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي مسڪين پورهيت ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن انھن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي روز جي بنياد تي چڪين ۽ دڪانن تي سستو اٽو فراهم ڪيو وڃي جيئن مسڪين پورهيت ماڻهن کي رليف ملي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.