سيوهڻ۾قتل ٿيل شاگرد جو چالان پيش نه ٿيو، وارث سراپا احتجاج، ريلي ڌرڻو

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) 15ڏينھن اڳ سيوھڻ جي جھاز چوڪ  پارڪ ۾  قتل ڪيل يونيورسٽي جي شاگرد مقتول نواز پرارو جي وارثن انصاف نه ملڻ ۽ سياسي بااثرن پاران ٺاھ ڪرائڻ لاء حراسان ڪرڻ خلاف جھاز  چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتول جي والد الله بخش پرارو، غوث محمد، محمدعالم ، مختيار، حاجي ھارون پرارو ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڳالھائيندي چيو ته اسان جو نوجوان شاگرد نواز پرارو جا ٽئي جوابدار پوليس گرفتار ڪيا آھن، پر پندرنھن ڏينهن گذرڻ باوجود عدالت ۾ چالان پيش نٿو ڪيو وڃي، جڏھن ته گرفتار جوابدارن جا وارث بااثر ھئڻ سبب اسان پرارا برادري مٿان سياسي پريشر ذريعي پئسن جي آڇ ڪري ٺاھ ڪرڻ ۽ ڪيس ختم  ڪرائڻ لاء مختلف طريقن سان ڌمڪايو پيو وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي. ھنن چيو ته اسان کي عدالت سڳوري مان انصاف ملڻ جي اميد آھي ان ڪري پوليس کي جلد ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪرڻ گھرجي ته جيئن ڪيس اڳتي وڌي سگهي. متاثرين مطالبو ڪيو ته مقتول نواز علي پرارو جي قاتلن کي ڦاسي ڏني وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مقتول جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس ھاء وي بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.