لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سينيئر پارٽي اڳواڻن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب ن ليگ پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ جي معاملي ۾ رنڊڪ نه وجهڻ ۽ ڀرپور تياري سان چونڊ ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مقرر وقت ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي قائد نواز شريف ۽ مريم نواز جي لنڊن مان ڏيهه واپسي نگران سيٽ اپ کانپوءِ ٿيندي، جڏهن ته نگران سيٽ اپ لاءِ نالن جي منظوري نواز شريف ڏيندو.
ذريعن موجب ن ليگ اجلاس ۾ پارٽي مان ڪارين رڍڻ کي ڪڍڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، ان ڏس ۾ شهباز شريف پارٽي جي صورتحال جي رپورٽ نواز شريف کي ڏيندو.
ان کانسواءِ پنجاب ۾ چونڊن جي صورت ۾ مريم نواز ۽ حمزا شهباز مهم جي اڳواڻي ڪندا.