نورا فتيحي پنهنجي خوبصورت چمڙي جو راز ٻڌائي ڇڏيو

نورا فتيحي بالي ووڊ ۾ پنهنجي منفرد خوبصورتي ۽ ڊانس سبب گهڻي مشهور آهي، نورا هڪ وڏي فين فالونگ به رکندي آهي. نورا چوندي آهي ته کيس ننڍپڻ کان ڊانس جو شوق آهي پر کيس اندازو نه هو ته اها ڊانس سندس شهرت جو ڪارڻ بڻجندي.

تازو هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اڄ هوءَ جنهن مقام تي آهي خوش آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته سندس خوبصورتي جو راز اهو آهي ته هوءَ گهڻو پاڻي پيئندي آهي، گهڻو پاستا کائيندي آهي ۽ ميش پٽاٽا کائيندي آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ننڍپڻ ۾ هڪ ڪرش هو ۽ اهو ريتڪ روشن هو. هو نه رڳو بهترين اداڪار آهي پر هينڊسم به آهي. ان انٽرويو ۾ ڪيترينا ڪيف جو مڙس وڪي ڪوشل به شامل هو جنهن پڻ ريتڪ روشن جي ساراهه ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.