عورت شادي جي ڏينهن پنهنجا وار ڪاٽي ڇڏيا، سبب ڄاڻي سڀني روئي ڏنو !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شادي خاص ڏينهن هوندو آهي ۽ ان کي يادگار بڻائڻ ماڻهو وڏا وڏا جتن ڪندا آهن ته ڪي وري سوشل ميڊيا تي شادي وائرل ڪرڻ لاءِ ڪنوار گهوڙي تي انٽري ڏيندي آهي ته ڪٿي وري ڊانس جا جوهر ڏيکاريا ويندا آهن.

پر هڪ شادي اهڙي هئي جنهن ۾ عورت پنهنجا وار ڪاٽي ڇڏيا ۽ سبب به اهڙو هو جو سڀني جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.

انسٽاگرام تي مشي گن ويڊنگ فوٽوگرافر تازو هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ بريانا نالي هڪ ڪنوار شادي جي لباس ۾ نظر اچي ٿي.

وڊيو ۾ شادي جي عين موقعي تي ڪنوار اٿي ٻئي ڪمري ۾ هلي وئي ۽ ڪيائين ته وارن کي اڌ ڪٽي ڇڏيندي.

وڊيو ۾ عورت ڪنوار جي وارن کي اڌو اڌ ڪٽيندي نظر اچي ٿي.

هاڻي سوال اهو آهي ته ڪنوار ائين ڇو ڪيو؟ ان تي هن ٻڌايو ته هو پنهنجي وارن کي ڪاٽي ڪينسر جي مريضن کي عطيو ڪرڻ واري اهي.

ان وڊيو سان گڏ جيڪي ڪيپشن ڏنا ويا آهن ان ٻڌايو ويو آهي ته بريانا پنهنجي ماءُ کي به ڪينسر جي ڪري وڃائي ڇڏيو هو، ان لاءِ هو ڪينسر ۾ مبتلا مريضن لاءِ جاکوڙيندي رهندي آهي ۽ هاڻي پنهنجي وارن جو تحفو ڪينسر جي مريضن کي ڏيڻ چاهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.