ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ملڪ جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
بس جو افتتاح اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ڪيو، ان موقعي تي ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني به ساڻس گڏ هئا.
ملڪ جي پهرين اليڪٽرڪ بس ملير، ايئرپورٽ کان ٿيندي سمنڊ تائين ويندي.
Pakistan’s first electric bus service inaugurating today.. @BBhuttoZardari @sharjeelinam @SumetaSyed @SMTA_GoS #Pakistan1stEVBus #AbSafarHogaAsaan pic.twitter.com/3c3t6GETzF
— Sindh Information Department (@sindhinfodepart) January 13, 2023
ڪراچي ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ جديد بس سروس جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته عوام مينڊيٽ پ پ کي ڏنو آهي، عوام سمجهي ٿو ته خدمت رڳو اسان جي جماعت ڪندي آهي.
هن چيو ته جعلي ووٽ وٺندڙ اڳوڻي حڪومت ساڍن ٽن سالن ۾ ڪراچي سميت ڪٿي به ٽڪي جو ڪم نه ڪيو.