قانون بيدخلي ۽ غير قانوني پيڙا

مختيار راهو

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن تحت ڪراچي ۾ حددخليون ڄاڻايل آبادي، ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ شهر جي مارڪيٽن مان گهر ۽ دڪان وڏي پيماني تي ڍاٺا ويا آهن ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي 50 فوٽن ۾ ايندڙ سڄي ساري آبادي جي گهرن کي ڊاٺو ويندو هي ريلوي پٽڙي ڪراچي شهر جي چو طرف تقريبن 50 ڪلو ميٽرن جي دائري ۾ گهمي ايندي. ان گهيري ۾ سڄي آبادي کي بي دخل ڪيو ويندو.

ان کان سواءِ ڪراچي ۾ سرڪاري طور تي مليل ڪوارٽر ۽ ان ۾ ڪيل واڌ جي بنياد تي جڙيل سڄي آبادي کي اٿاريو ويو آهي جنهن ۾ گارڊن ڪوارٽرز، پاڪستان ڪوارٽرز، مارٽن ڪوارٽرز وغيره وغيره. سپريم ڪورٽ ۽ ڪراچي جي انتظامي مشينري ان ڳالهه تي بار بار زور ڏنو هو ته ڪراچي جي پراڻي (خوبصورتي) واپس موٽائيندا.

ان سڄي ڀڄ ڊاهه، بيدخلي جي نام نهاد ترقي واري شور ۾ بي دخل ٿيل بي گهر ۽ بي روزگار ٿيل ماڻهن جي ڏک ۽ ڪاوڙ ۽ دانهون مڪمل دٻجي ويون آهن. جيڪڏھن سرڪاري ادارا ۽ ڪامورا اهڙي ويڌن عوام سان ڪندا هئا ته ماڻهو ڪورٽ سڳوري ڏانهن ڀڄندا هئا پر هاڻ ته عدالت سڳوري پاڻ انصاف جو هٿوڙي سان ماڻھن جا گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي.

ان سچي ڳالهه تي بحث ڪرڻ لاءِ چند نقطا رکون ٿا:

قانون جو مسئلو:

سرمائيداراڻي/نيو لبرل قانون جو مسئلو اِهو آهي ته هو تاريخي ۽ اجتماعي تسلسل ۾ شين کي ڏسڻ کان انڌو هوندو آهي. ان لاءِ واقعا ۽ شيون هڪ هنڌ بيٺل ۽ ڇڙوڇڙ هونديون آهن.

ڏوهه-جرم جا سبب زماني ۽ مڪاني تاريخ رکڻ بجاءِ ڏوهي ماڻهوءَ جي ذات تائين محدود ۽ هڪ فرد جي ذات ۾ سمايل هوندا آهن. اجتماعي حالتن ۽ واقعن جو تاڄي پيٽو-اڻت جيڪا جرم جي ” هوند“ کي لازمي بڻائيندي آهي ان ڪارڻي رشتي جي سمجھ ڪنهن نيو لبرل عدالتي سرشتي ۾ اڻ لڀ هوندي آهي.

ائين ان جو مقصد قطعي اهو نه آهي ته فرد جي عمل کي ڪنهن به کاتي ۾ نه وجهجي پر اھو نقطو تہ فرد ۽ اجتماع جو ڳانڍاپو  سماجي حرڪي طاقتون، ضرورت ۽ اتفاق جا جدلي دائرا ڪنهن به نيو لبرل قانون جي دائري جو حصو ڪڏهن به نه هوندا آهن ان ڳالهه مان ئي مثال وٺجي ته رياستي قانون جي دائري ۾ فرد جا حق رڳو اهي ئي آهن جيڪي کيس رياست جو قانون عطا ڪري ٿو ۽ اوهان اهڙن ئي حقن جي حاصلات  لاءِ قانون جو سهارو وٺي سگهو ٿا جيڪي اڳ ۾ ئي رياستي قانون ۾ محفوظ ڪيل هجن ۽ ڏوهه جرم پڻ اهو ئي آهي جيڪو رياستي قانون ٻڌائيندو هجي ۽ انهن سڀني حقن ۽ واسطن جي تشريح ۽ عملدرآمد پڻ الڳ مسئلو هوندو آهي. جنهن لاءِ رياست جي عدالتي رشتي ۽ انتظاميه جي حرڪت ۾ هجڻ جو مسئلو الڳ آهي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: جبري پورهيي جي صورت ۾ انساني غلامي وارو الميو

 رڳو ان مان ئي سمجهو ته عدالت ۾ مالڪاڻي حق جو  قانوني دستاويز ڇا هوندو آهي ۽ ڪير مالڪاڻي حق جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو اهو پڻ اڳ طئه ٿيل قانون تحت ايترو دستاويز موجود هجي نه ته ڪو به شخص ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن ٻئي دستاويز جي بنياد تي مالڪاڻي حق جي دعويٰ ڪنهن به صورت ۾ نٿو ڪري سگهي. مثال طور ڪچي آبادي يا پنهنجي اباڻن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ جيڪڏهن اهڙو ٻڌايل دستاويز ڪو نه آهي ته هو عدالتي سرشتي ۾ پنهنجي مالڪي جي دعويٰ لاءِ اھل نه آهن. ڀلي اُهي ماڻهو اتي صدين کان رهندا ھجن ڀلي ڪو ٻيو غاصب اها زمين خالي ڏيکاري زمين سنڀاليندڙ کاتي کان پهنجي نالي ڪرائي وٺي۽ اھڙا مالڪي جا دستاويز ٺهرائي وٺي. اڃان به ان مثال کي آسادو رکجي ته پڳڙي جي بنياد تي ٿيند خريد ۽ فروخت جو هن ملڪ ۾ ڪو به قانون موجود ناهي. اهڙا خريدار قانوني طور تي ڪرائيدار جي زمري ۾ ايندا آهن . ان قانون جي مسئلي تي نظر ڦرائڻ بعد اسان کي سمجهه ۾ ايندو ته سرمائيداراڻو قانون پنهنجي پاڻ ۾ ڪيترو کٽل ۽ رياست جو اهم هٿيار هوندو آهي. قانون جي اِها دعويٰ ته سڀ شهري برابر آهن اهڙي ئي هوندي آهي جهڙي هر شهريءَ کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي دعويٰ انهن ٻنهي دعويٰ ۾ سماجي معاشي ضابطا ۽ انهن جي تاريخ عمل دخل ڪڏهن به ذڪر هيٺ نه هوندو آهي. اِهو رڳو انڪري ته جنهن هر ناڪامي ۽ مصيبت جو ذميوار اڪيلي فرد کي قرار ڏجي.

سپريم ڪورٽ پاران حددخلين جي نگراني:

سپريم ڪورٽ پاڻمرادو اهو ڪم چونڊيو آهي ته هو ڪراچي جي پراڻي خوبصورتي کي بحال ڪري ۽  حددخلين کي ختم ڪري. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته ورلڊ بينڪ طرفان ڪراچي جي بحالي جو پلان به جاري آهي جنهن تحت انتهائي گهڻي ماليت سان ڪراچي نائيبرهوڊ، اميرو مينٽ پلان ھلي رهيو آهي جيڪو 15 جون 2017ع کان شروع ٿيو 30 نومبر 2022ع تائين هلڻو آهي جنهن ۾ 98 ملين آمريڪي ڊالرن جي لاڳت جو ڪم ٿيڻو آهي. جنهن  ۾ ڪراچي جي بحالي /خوبصورتي جو ڪم ٿيڻو آهي.

ان سرمائيداراڻي پلان ۾ ڪراچي جون ڪچيون آباديون ۽ انهن جي مسئلا ڪهڙي ترجيح رکن ٿا اهو گهڻو اهم نه آهي پر سرمائيداراڻي اکين ۾ منافعي جي غرض ۾ خوبصورتي جي معنيٰ وارو جديد شهر اڏڻ اهم آهي.

سپريم ڪورٽ جي نگراني ۽ حڪمن سبب ڪنهن به اداري کي اهڙي حڪم جي انڪار هاءِ ڪورٽ يا ڪنهن به ماتحت عدالت طرفان بي دخلي جي ڪم خلاف ڪنھن به مداخلت يا ٻڌڻي جو اختيار ناهي. هر پيشي تي سپريم ڪورٽ خود ان ڪم جي نگراني ڪري ٿي ۽ نوان حڪم جاري ڪري ٿي.

اهو چوڻ اهم به رهندو ته اوهان کي ياد رهي ته ورلڊ بينڪ جي ان پراجيڪٽ جو سپريم ڪرٽ جي حڪمن سان بظاهر ڪو به تعلق موجود ناهي نه ئي عدالت اهڙي ڪنهن پروجيڪٽ جي پرپوزل تحت اهڙا ڪم جاري ڪيا آهن. بلڪ عدالت سڳوري اِهو ڪم قانون جي عملدرآمد جي دائري ۾ ڪري رهي آهي. هن وقت تائين اطلاع آهي ته 3575 دڪان ڪراچي ۾ ڊاٺا ويا آهن. اهڙي طرح ڪراچي جي هڪ انتهائي وڏي آبادي بيروزگار ٿي وئي آهي. اهڙي طرح ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جي نالي ۾ ڪراچي جي شهرين جي گهرن کي بغير ڪنهن متبادل پلان جن ڪلاڪن جي حساب سان ڊاٺو پيو وڃي اِهو سڄو عمل انتظاميا ۽ عدالت ساڳي پيج تي ڪري رهيون آهن . قانون ۽ انصاف جو فرق مٽجي چڪو آهي. رڳو هڪ مثال ئي وٺجي ته امپريس مارڪيٽ ۽ ڪراچي ميونسپل ۽ سٽي ڪورٽ جي سامهون ٺهيل پيپر مارڪيٽ جي دڪانن کي ڪجهه ڏينهن جي فرق سان ڊاٺو ويو اهي سڀ دڪان ڪي ايم سي دڪاندارن کي قانوني طرح ڏنا هئا ۽ اھي دوڪاندار وڏي عرصي کان اتي موجود ھئا.

سنڌ ۾ ڪرائيداري جو قانون:

Sindh Rented premises ORD. 1979

تحت مالڪ پنهنجي جاءِ ڪرائيدار کان ڪنهن به زور زبردستي تحت خالي نٿو ڪرائي سگهي جيڪڏهن ڪرائيدار ڪرايو نه ٿو ڏئي يا مالڪ کي جاءِ پنهنجي استعمال لاءِ گهربل هجي تڏهن به مالڪ کي عدالت سڳوري جو در کڙڪائڻو اهي ۽ عدالت ۾ ڪيس کي ثابت ڪندي کٽڻ جي صورت ۾ ئي ان کي جاءِ واپس ملندي اھو به ياد رھي تہ خود قانون  منجھ اھو نقطو پڻ موجود آھي ته آئيني چاره جوئي جي استدعا جڏهن ڪنهن ثانوي قانون سان ٽڪراءَ ۾ هجي يا اهڙي چاره جوئي ڪنهن ٻئي ثانوي قانون ۾ موجود هجي ته آئيني چاره جوئي جو حق استعمال نه ٿو ڪري سگهجي.

سرمائيداراڻي بحالي ۽ خوبصورتي جو ماڊل:

سرمائيداراڻي بحالي ترقي ۽ خوبصورتي جو مادل هميشه منافعي سان لاڳاپيل هوندو آهي. ان وٽ خوبصورتي ۽ ترقي هميشه يا گهٽ۾گهٽ هن نيو لبرل دور ۾ پئسي جي تڪڙي چرپر ۽ منافعي جي تيزي سان لاڳاپيل آھي ان نقطي جي ابتڙ ڪنهن به سماجي ڀلائي انسان دوستي ۽ اصول پسندي کي ترقي جي ماڊل جون رڪاوٽون ئي تصور ڪيون وينديون آهن. ان منافعي تي ٻڌل نظام جيڪڏهن ڪراچي جي ندين کي گندي پاڻي جي نالن۽ گٽرن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ۽ اهڙيون برساتي نديون گٽر نالا ٿي وهن ته ڪا به حيرت نه کائڻ گهرجي.

خوبصورتي جو تصور سرمائيدار جي اکين ۾ موجود ملڪيتي رشتن واري چمڪ کي تصور ڪيو ويندو آهي. اهڙي خوبصورتي ۾ بي گھر ماڻهن جو فٽ پاٿن تي سمهڻ سستو کاڌو کائي بغير ٽڪيٽ جي پارڪن ۾ گھمڻ ريڙهن ۽ گاڏين تي سستو فروٽ وڪرو ڪرڻ مصروف روڊن تي چانهن پيئڻ کي بدتهذيبي سمجھيو ويندو آھيِ، اھي سڀ ماڻھو انھن جو اھڙي ميل جول جو اھو سڄو سماجي دائرو جھالت بدتھذيبي حددخلي ۽ بدصورتي ھوندو آھي ان سڄي دائري کي سرمائي جو منڌيئڙو ڦيري ان کي سماجي ناسور وانگر ڪوري ڪپي سڄي جو سڄو ناس ڪرڻ گهرجي جنھن تي ڪنھن به قسم جو رحم نه ڪرڻ گھرجي، جيئن اتي مٿين طبقي جا انسانن لاء مهانگيون هوٽلون پيزا برگر کائڻ  جا ھند وڏا خريداري جا شاپنگ مالز ۽ انھن جي وڏين گاڏين لاءِ پارڪنگ ۽ اچ وچ لاء  سهولت پيدا ڪئي وڃي.

  پوليساڻي رياست کي عام ماڻهن جو ثقافتي. مزاحمتي ڪلچر. روز مره جي زندگي ۽ گهماگهمي نه پر قبرستان واري خاموشي گھربل هوندي آهي. ان ڪري بي پهچ ماڻهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي  جڏهن ته ٻي طرف بحريه ٽائون کي پئسن عيوض قانوني دائري ۾ داخل ڪري ان کي ترقي جو ماڊل قرار ڏنو پيو وڃي ڀلي پوءِ اها زحمت به نه ڪئي وئي هجي ته آخر بحريه ٽائون کي ڪيتري زمين الاٽ ڪئي وئي آهي ۽ اهو ڀلي اصولوڪن رهائشي ماڻهن کان جبر ۽ ظلم ذريعي سندسن زمينون کسي وٺي ۽ اهو ئي ملڪ رياض وري ڪراچي جي بي دخلين لاءِ پنهنجي مشينري مهيا ڪندو هجي. ڇاڪاڻ ان کي بي دخلي جو تجربو حاصل آهي ته ماڻهن کي ڪيئن ذليل ڪندي بي دخل ڪجي.

عوام جي تڪليف:

ڪنهن به قانوندان. قانون جي رکوالي ان طرف ته ڌيان ئي نه ڏنو ته اهي ماڻهو ڦٽ پاٿن تي ڇو ٿا سمهن ڪچيون آباديون ڇو موجود آهن 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ميونسپل طرفان قانوني طرح مليل دڪان ۽ گھر ڪيترن ماڻهن خريد ڪيا ۽ ڪيئن ڪرائي جو رسيدون نون خريدارن جي نالي تي منتقل ٿينديون رهيون ۽ اهڙي طرح ماڻهو فقط اهڙن تي دستاويز کي مالڪي جي حق جو دستاويز سمجهندا رهيا ۽ پنهنجي سڄي عمر جي ڪمائي سندسن رت ۽ پگھر سان ڳوهيل خواب سندن روزي روٽي جا هنڌ، گھر ڏينهن ۾ مسمار ٿي ويا ان زماني ۽ مڪاني گردش ۾ اهڙن گھرن ۽ دوڪانن جي ڪيتري  سالن تائين خريد فروخت ٿيندي رھي، ڪيترن اربھا روپين جي    ڏيتي ليتي ٿي انھن پئسن جي سھاري ڪيترا ماڻھو سرمائي جي تھذيب جي دائري ۾ داخل ٿيا ڇا ڪو اهڙو موضوع کڻي ڪو ريسرچ پيپر ڪا اسٽڊي ٿي سگھندي قطئي بہ نه، ڇاڪاڻ اهڙا سڀ ڪم ترقي جي نام نهاد ماڊل لاءِ رڪاوٽ هئا ۽ مسمار ڪيا ويا ان ۾ اسٽڊي ڇا جي.

بس ان سوال جو جواب جيڪو رياستي بيانيي تحت اڳ تيار آھي اھي سڀ ماڻھو غير قانوني آهن  سندن ڪي بہ حق محفوظ ٿيل ناهن جيڪڏهن انهن جا حق محفوظ ٿيل نه هئا ته هو ملڪ رياض وانگر محفوظ ڇو ٿا ڪرائي وٺن. قانون ڇا ٿو چئي. قانون جو انصاف  سان ڪيترو لاڳاپو آهي. اهوبحث نه ٿيندو ڪراچي وارن جي نالي رت جي راند کيڏندڙ به سوال جواب کان آجا آهن. حددخلين بي دخلين قانوني غير قانوني اصلاحن جا دائرہ مختلف حالتن ۾ مختلف  عدالتي معنائون رکن ٿا. جن جي تشريح پڻ الڳ الڳ آهي.

 

You might also like