گوگل جي امرتا پريتم کي ڀيٽا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي انٽرنيٽ سرچ انجن ”گوگل“ تي ننڍي کنڊ جي مشهور ناول نگار، ليکڪ ۽ شاعر امرتا پريتم کي هن جي 100 هين  جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪندي ڊوڊل جاري ڪري ڇڏيو.

امرتا پريتم هند جي ورهاڱي کان اڳ پاڪستان جي صوبي پنجاب جي علائقي منڊي بهاوالدين ۾ هڪ پنجابي گھراڻي ۾ ڄائي ۽ اتي هن شروعاتي تعليم ۽ پرورش ٿي.

امرتا پريتم هند جي ورهاڱي کان پوءِ به پاڪستان ۾ موجود رهي ۽ هن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي 1947ع ۾ هڪ نظم لکي جيڪا گھڻي مشهور ٿي.

امرتا پريم ورهاڱي وقت “آکان وارث شاهه نون” نظم لکي هئي جيڪا گھڻي مشهور ٿي.

هوءَ ورهاڱي کان پوءِ ڀارت منتقل ٿي، جتي هن ورهاڱي پهريون ناول “پنجر” لکيو جيڪو اڄ به شوق سان پڙهيو ويندو آهي.

انهيءَ ناول تي ان ئي نالي سان فلم ٺاهي وئي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: ٽوئيٽر جي مالڪ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ

امرتا پريتم جي ناولن، ڪهاڻين ۽ نظمن ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي درد ۽ پاڪ ۽ هند جي سماجي زندگي کي پڙهيو ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿو.

هن گڏيل طور تي 30 جي ويجهو ناول ،  ڪيترائي افسانا ۽ نظمون به لکيون.

امرتا پريتم 13 آگسٽ 1919ع تي پاڪستان ۾ ڄائي ۽ 31 آڪٽوبر 2005ع تي  ڀارت ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

امرتا پريتم جي 100 هين جنم ڏينهن تي گوگل کيس ڀيٽا پيش ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڊوڊل متعارف ڪرايو آهي.

You might also like