گوجرانوالا جي نجي اسپتال مان نرس جو لاش هٿ

 

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي نجي اسپتال ۾ نرس جو پکي سان لٽڪيل لاش وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو.

پوليس کي گوجرانوالا جي نجي اسپتال ۾ نرس جو پکي ۾ لٽڪيل لاش هٿ آيو پر اهو آپگهات هو يا قتل، ان حوالي سان ڪا خبر ناهي پئجي سگهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: بوٽ بيسن مان 3 لاش هٿ…..!

نرس جي ماءُ اسپتال انتظاميا کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ڌيءُ جي ڳلي تي ڦاهي جو ڪو نشان ناهي.

هوڏانهن اسپتال انتظاميا پوليس کي سي سي ٽي وي ويڊيو ڏيکاري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

واقعي جو ڪيس نرس جي ڀاءُ راشد جي فرياد تي قتل جي قلمن تحت اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني نرس جي رخصتي هئي، واقعو ظاهري طور آپگهات لڳي رهيو آهي پر حتمي راءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ ڏينداسين، واقعي جي جاچ جاري آهي.

You might also like