گهوٽڪي: راشد محمود سومرو جي ايس ايس ڊي ڌام پهچي هندو برادري سان ملاقات

عوامي آواز رپورٽ
گهوٽڪي: راشد محمود سومرو جي ايس ايس ڊي ڌام پهچي هندو برادري سان ملاقات
عوامي آواز رپورٽ گهوٽڪي: راشد محمود سومرو جي ايس ايس ڊي ڌام پهچي هندو برادري سان ملاقات

 

گهوٽڪي ۾ جي يو آءَ ف اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ايس ايس ڊي ڌام پهچي هندو برادري سان ملاقات ڪري مندر واقعي جي ڄاڻ ورتي.

ان موقعي ته راشد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هميشه امن جي ڌرتي آهي پر افسوس جو سنڌ اندر شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو , شهيد بشير خان قريشي , شهيد مير مرتضئ ڀٽو سميت ڪيترن ئي سنڌ اندر امن جي فضا قائم ڪندر بهادر اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو.

هن چيو ته گهوٽڪي واقعي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪن ٿا، هو مسجد جو پيش امان مندر پهچي هندن سان گڏ بيٺو آهي.

راشد محمود سومري چيو ته اسلام  امن ۽ محبت جو پيغام ڏيئي ٿو , اسان کي گهرجي ته پاڻ ۾ امن ۽ محبت ۽ ڀائيچاري سان رهون،  سنڌ ۾ رهندڙ هندو ۽ مسلمان محبت سان رهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.