گهوٽڪي: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ايريگيشن آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

عوامي آواز رپورٽ
گهوٽڪي: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ايريگيشن آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط
عوامي آواز رپورٽ گهوٽڪي: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ايريگيشن آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

 

گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ايريگيشن آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر عبدالقادر دراني، عبدالفتاح مهر، سول جج محمد سليم جي موجودگي ۾ انجنيئر آغا فيض رسول جي آفيس تي ڇاپو هنيو.

اينٽي ڪرپشن ٽيم جي ڇاپي جي اطلاع تي عملو فرار ٿي ويو، عملدارن طرفان هڪ ڪلاڪ تائين رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.

اينٽي ڪرپشن جي عملدارن جو چوڻ هو ته سيڊا ڊاريڪٽر ياسين قريشي جي رپورٽ تي اهڙي ڪاروائي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ته آغا فيض رسول واهن جي کاٽي سميت ڪيترن ئي ٺيڪن جا ڪوڙا بل پاس ڪرائي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪئي آهي

You might also like