گمبٽ: حضرت امام حسين عه ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ شهداءَ ڪانفرنس

عوامي آواز رپورٽ
گمبٽ: حضرت امام حسين عه ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ شهداءَ ڪانفرنس
عوامي آواز رپورٽ گمبٽ: حضرت امام حسين عه ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ شهداءَ ڪانفرنس

 

گمبٽ ويجهو درگاھ پير مھر شاھ جيلاني ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ قاري ساجد سعيد، پير بچل شاهه جيلاني ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسين عه ظالم يزيد آڏو آڻ مڃي سندس خراب حڪمراني کي مڃڻ بدران اسلام جي ڏنل تعليم تي عمل ڪندي سندس خلاف ويڙهه ڪئي.

هنن چيو ته ڪربلا جي شهيدن جو پيغام امن ۽ انسانيت لاءِ آهي، جنهن تي عمل ڪندي هر دور جي يزيد خلاف ويڙهه ڪرڻ گهرجي.

تقريب ۾ ڪربلا جي شهيدن کي درود ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

You might also like