ڪڪڙ ڀرسان نوجوان سم شاخ ۾ وھنجڻ دوران ٻڏي فوت

ڪڪڙ ( ن ع آ   )ڪڪڙ لڳ ڪاڇي جي ڳوٺ مست ڪيھر شاھ واسي 30 ورھين جو گل بھار شهه ولد ڇتل شهه ڳوٺ درمحمد ابڙو ۾ سم شاخ ۾ وھنجڻ لاءِ پاڻي ۾ لٿو جنھن کان پوءِ ھو ٻڏي فوت ٿي ويو، ھڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڪڪڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش ٻاھر ڪڍيو پوليس جو چوڻ آھي نوجوان مرگھي جي مرض ۾ مبتلا ھو، جنھن سبب وھنجڻ دوران فوت ٿي ويو آھي ۽ وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آھي ۽ جيئن وارث پھچندا ڪاغذي ڪارروائي ڪري وارثن حوالي ڪيو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.