ڪپتانن سوڌو 10 مک سريلنڪن رانديگر پاڪستان اچڻ کان انڪاري

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مهيني  شيڊول ٿيل سريلنڪن ٽيم دورو ڏکيائين جي ور چڙهڻ لڳو ڪپتانن سوڌو 10 سريلنڪن رانديگرن پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سريلنڪا  ٽيم کي ٽي ون ڊيز ۽ ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي پور هاڻ اهو دورو ڏکائين جي ور چڙهندي نظر اچي رهيو آهي.

ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ڪراچي ۽ لاهور ۾ کيڏڻ تي اتفاق ڪيو هو جنهن لاءِ سريلنڪن ٽيم کي 26 سيپٽمبر تي پاڪستان پهچڻو هو پر هاڻ اهو دورو ڏکيائي جي ور چڙهي ويو آهي.

سريلنڪن بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي گرين سگنل ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي رانديگرن سان ڳالهايو پر رانديگرن طرفان ان فيصلي کي سخت رد عمل سان منهن ڏيڻو پيو ۽ سريلنڪن رانديگر پاڪستان اچڻ لاءِ راضي ناهن.

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان دوري لاءِ سينيئر رانديگرن کي راضي نه ڪري سگھي ۽ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان دمٿ ڪرونارتني ۽ ٽي 20 اڳواڻ لاسٿ ملنگا سوڌو 10 رانديگرن پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو.

پاڪستاني دوري جي سلسلي ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ انتظاميا رانديگرن سان   ملاقات ڪئي ۽ انهن کي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي کان آگاهه ڪيو.

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ بريفنگ کان پوءِ رانديگرن کان پاڪستان اچڻ بابت راءِ گھري پر ڪپتانن سوڌو 10 رانديگرن پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جن رانديگرن پاڪستان اچڻ کان انڪاري ڪيو آهي انهن ۾ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان دمٿ ڪرونارتني ۽ ٽي 20 اڳواڻ لاسٿ ملنگا سان گڏو تجزيه ڪار ايجنلو ميٿيوز، دنيش چنديمل، ٿسارا پريرا، ڪوشل پريرا نروشن ڊڪويلا، ڌننجيا ڊي سلوا، اڪيلا ڌننجيا ۽ سورنگا لڪمل شامل آهن.

You might also like