ڪوٽڏيجي ويجهو مهراڻي برادري ۾ جهيڙو، 7 ڄڻا زخمي، احتجاج

ڪوٽڏيجي (ت ر) ڪوٽڏيجي جي شھر ڪوٽبنگلو ۾ مھراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ لٺيون ڏنڊا سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا اٺ ڄڻا رتورت ٿي پيا جنھن ۾ ھڪ ڌر جا خان محمد ـ بخت علي ـ رمضان ـ گلبھار ۽ پکي مھراڻي زخمي ٿي پيا جڏھن ته ٻئي ڌر جا محمد يعقوب مھراڻي ـ محمد صالح ۽ لياقت زخمي ٿي پيا جن کي ڪوٽڏيجي اسپتال داخل ڪيو ويو جڏھن ته ھڪ ڌر پاران خان محمد ـ امير علي ـ محمد رفيق ـ غلام حسين ـ محمد قاسم مھراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هڻي سخت ناري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ ھو ته علي بخش مھراڻي جي ڌر جي جوابدارن اسان مٿان بلاجواز حملو ڪري زخمي ڪيو آھي ھنن چيو ته بااثر علي بخش مھراڻي ۽  ساٿي جوابدارن سميت گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي جنھن بعد ڪوٽڏيجي پوليس مظاھرين وٽ پھچي ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرڻ بعد ڌرڻو  ختم ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.