ڪنڌڪوٽ: پ پ ۾ فارووڊ بلاڪ نه پيو ٺهي مخالف اجائي سياست چمڪائن پيا: باري پتافي

عوامي آواز رپورٽ
ڪنڌڪوٽ: پ پ ۾ فارووڊ بلاڪ نه پيو ٺهي مخالف اجائي سياست چمڪائن پيا: باري پتافي
عوامي آواز رپورٽ ڪنڌڪوٽ: پ پ ۾ فارووڊ بلاڪ نه پيو ٺهي مخالف اجائي سياست چمڪائن پيا: باري پتافي

 

فشيريز ايند لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته ڪجهه ڌريون عوامي پروگرام شروع ٿيڻ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ٿيندو ڏسي پيپلزپارٽي ۾ فاروڊ بلاڪ جون ڳالهيون ڪري پنهنجي سياست چڪمائڻ چاهين ٿيون.

صوبائي وزير عبدالباري پتافي ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿيل وٽرنري ڊاڪٽر مصطفيٰ ميراڻي جي گهر پهچي وارثن سان تفصيل معلوم ڪري کين آٿت ڏني.

ان موقعي تي هن چيو ته پ پ ۾ فارووڊ بلاڪ جون عوام جا رد ڪيل سياستدان ڳالهيون پيا ڪن جيڪي پنهنجي گهر جي يوسي به کٽي نٿا سگهن.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڌرين کي ارڙهين ترميم ۽ جمهوريت کٽڪي ٿي جيڪي پاڻ کي زندا رکڻ لاءِ فارووڊ بلاڪ جون افواهون پکيڙي سياست ڪرڻ چاهين ٿا

عبدالباري پتافي وڌيڪ چيو ته وڏ وزارت لاءِ ايوان ۾ اوپن ووٽ ٿيندا آهن تنهن ڪري ڪو به ميمبر پنهنجي پارٽي کي دوکو ڏئي پنهنجو سياسي ڪيريئر ختم ڪرڻ نه چاهيندو

You might also like