ڪشمير معاملي تي يورپي ملڪن جي خاموشي…! پرڏيهي وزير وڏي ڳالهه ڪري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته يورپي ملڪ پنهنجي سياسي سببن جي ڪري ڪشمير تي آواز ناهن اٿاري رهيا.

سوئس ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، وادي ۾ رابطن جي سمورن ذريعن تي پابندي جي ڪري حقيقت سامهون ناهي اچي رهي.

هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ  تي جيڪي قدم کنيا اُهي سڀني جي لاءِ حيران ڪندڙ هئا، ڀارتي قدم نه رڳو ان جي پنهنجي قانون پر يو اين چارٽر، سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي به خلاف هئا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: گڏيل عرب امارتون ۽ سعودي عرب اسان کي مايوس نه ڪندا: پرڏيهي وزير

سندس چوڻ هو ته ڀارتي مخالف ڌر پارٽين به انهن قدمن جي خلاف آواز اٿاريو، ڀارتي قدمن جي خلاف مخالف ڌر ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري رکي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته يورپي يونين جا ڪيترا ئي ملڪ ان صورتحال جي نزاڪت کي سمجهن ٿا پر ڪيترا ئي يورپي ملڪ پنهنجي سياسي سبنن جي ڪري ڪشمير جي معاملتي تي آواز ناهن اُٿاري رهيا.

هن چيو ته ڀارت کي عالمي قانون ۽ گڏيل قمن جي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، ڀارت  فوري طور تي والاريل ڪشمير تان ڪرفيو هٽائي ۽ ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏئي.

پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن ۽ مريضن کي طبي سهولتون ميسر ناهن ٿي رهيون.

هن چيو ته جڏهن اقتدار  ۾ آياسين ته ڀارت ڳالهين جي آڇ ڪئي پر ڀارت ڳالهين جي آڇ جو ڪو به مثبت جواب ناهي ڏنو.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت آر ايس ايس جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، ڀارت هر هر پنهنجي پوزيشن تبديل ڪري رهيو آهي، موجوده حالتن ۾ ڀارت سان مستقبل ۾ ٻطرفي ڳالهين جي ڪا به صورت نظر نه پئي اچي.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽئين ڌر جي طرفان مصالحت ئي واحد آپشن آهي.

هن چيو ته خبر آهي ته سوئس اختيارين ڀارتي اڳواڻن سان امڪاني ملاقات ۾ والاريل ڪشمير کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو آهي، سوئس اختيارين جو ڀارتي اڳواڻن سان ملاقات ۾ ڪشمير جي ايجنڊا شامل ڪرڻ خوشي ڏيندڙ آهي.

افغانستان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهين کي بحال ٿيڻ گهرجي، اهڙي ريت افغان ڳالهين جي راهه هموار ٿيندي.

هن چيو ته طالبان پنهنجي ذهن ۽ سچ رکن ٿا، اسان خطي ۾ قيام امن جي لاءِ پنهنجو مصالحاڻو ڪردار ادا ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان سمجهون ٿا ته ملٽري آپشن افغان مسئلي جو حل ناهي، آمريڪا به اسان جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو انهيءَ ڪري سموري اڳڀرائي ٿي ۽ ڳالهيون شروع ٿيون.

<blockquote class=”twitter-tweet” data-lang=”en”><p lang=”en” dir=”ltr”>Quaid&#39;s vision &#39;Kashmir is the Jugular Vein of Pakistan&#39; resonates strongly today. India’s unilateral action has busted the myth of Indian secularism &amp; reaffirmed the two-nation theory which under the indomitable leadership of Quaid-i-Azam, formed the basis for Pakistan. <a href=”https://t.co/kZ5MSxOiaO”>pic.twitter.com/kZ5MSxOiaO</a></p>&mdash; Shah Mahmood Qureshi (@SMQureshiPTI) <a href=”https://twitter.com/SMQureshiPTI/status/1171688025748901888?ref_src=twsrc%5Etfw”>September 11, 2019</a></blockquote>
<script async src=”https://platform.twitter.com/widgets.js” charset=”utf-8″></script>

 

You might also like