ڪشمير مسئلو حل نه ٿيو ته علائقائي امن لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو: صدر عارف علوي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو حل نه ٿيو ته علائقائي امن لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته ڀارت هڪ طرفن قدمن سان عالمي معاهدن ۽ شملا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو ناهي، ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سمورين پابندين جو خاتمو ڪري ۽ گڏيل قومون ڪشمير ۾ پنهنجا آزاد مبصر موڪلي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڀارت سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ منصوبن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو: صدر عارف علوي

هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ۾ ان وقت ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي چڪو آهي، والاريل ماٿري ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي جاري آهي، قابض فوج غير قانوني گرفتارين سان گڏوگڏ عورتن جو تقدس پائمال ڪري رهي آهي، ڀارت جي جنوني ڪارروائين سان 90 لک ڪشميرين جي زندگين کي خطرو آهي، مظلوم ڪشميرين جي نسل ڪشي برداشت نه ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت سدائين پاڪستان اندر دهشتگرد ڪارروائين جو سرپرست رهيو آهي، سنگين ڏوهن جي بنياد تي ڪلڀوشن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، پلواما واقعي تي ڀارت کان ثبوت گهريا پر ڪو جواب نه مليو، ڀارت پلواما حملي جي آڙ ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستاني فوج دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ ڀارت جو جهاز ڪيرائي وڌو، هڪ پائلٽ به گرفتار ڪيو ويو پر وزيراعظم خير سگالي طور اڀي نندن کي به ڇڏي ڏنو، اسان جي ان رويي کي ڀارت ڪمزوري سمجهيو، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

صدر وڌيڪ چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين لاءِ فائديمند آهي، ان سان وچ ايشيا تائين پهچ ٿيندي، چين سان آزاد واپار تحت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دَرَ کلندا، پاڙيسري ملڪن ۾ ڊگهي امن سان واپار جا رستا کلندا.

پارليامينٽ جي اجلاس دوران ن ليگ ميمبر ايوان ۾ شاهد خاقان عباسي، سعد رفيق ۽ راڻا ثناءُ الله جون تصويرون کڻي آيا ۽ اپوزيشن طرفان سخت نعريبازي ڪئي وئي پر ان باوجود صدر پنهنجي تقرير جاري رکي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان صدر جي تقرير ٻڌڻ لاءِ هيڊ فون لڳائي ڇڏي.

You might also like