ڪشميري ڀائرن کي محسوس ڪرائڻ چاهيون ٿا ته هو جدوجهد ۾ اڪيلا نه آهن: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري ڀائرن کي محسوس ڪرائڻ چاهيون ٿا ته هو جدوجهد ۾ اڪيلا نه آهن.

شاهه محمود قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا والاريل ڪشمير ۾ ظلم تي ڀارت کي سخت تنقيد جو نشانو بنائي رهي آهي، جمهوريت جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ ڀارتي جو مڪرو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي، ڪشمري ڀائرن کي محسوس ڪرائڻ چاهيون ٿا ته هو جدوجهد ۾ اڪيلا نه آهن، انشاالله هر فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين جڏهن ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، آئيني سفارتي مدد جاري رکندو.

هي به ڏسي سگھو ٿا: پ پ مولانا فضل الرحمان کي رنجائي ڇڏيو…!

ان کان اڳ شاهه محمود قريشي جي ملڪ واپس پهچڻ  تي ايئرپورٽ لائونج، پاڪستان زندهه آباد، ڪشميري بني گا پاڪستان جي نعرن سان گونجي پيو، ايئرپورٽ تي مسافرن دير تائين پرڏيهي وزير کي روڪي سيلفيون ڪڍيون.

You might also like