ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ تي ارمينا خان کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون…

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل ارمينا خان کي ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي ڌمڪيون ملڻ لڳيون.

ارمينا خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي مداحن کي مخاطب ٿيندي لکيو جيئن ته توهان کي خبر آهي ته مان ڪشمير ۾ انساني حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهيان، ان سان مان خدشن بابت آگاهه هيس، ان لاءِ منهنجا ڪيترائي پراجيڪٽ ختم ٿي ويا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ارمينا خان مداحن کي مُنجهائي ڇڏيو…!

هن چيو ته هاڻ مون کي خاموش ڪيو ويو آهي ۽ منهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽ به ختم ٿيڻ جو خطرو آهي، اهو سڀ آواز اٿارڻ جي قيمت آهي، مان خاموش نه رهنديس ۽ هاڻ ڪير اسان سان گڏ بيهندو؟

واضح رهي ته ارمينا خان والاريل ڪشمير بابت ڀارتي قدمن ۽ اتي ڪشميرين سان ظلم خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندي رهي آهي.

You might also like