ڪشمور: پ پ ڪارڪنن پاران گل محمد جکراڻي جي گهر تي نيب جي ڇاپي خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
ڪشمور: پ پ ڪارڪنن پاران گل محمد جکراڻي جي گهر تي نيب جي ڇاپي خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ ڪشمور: پ پ ڪارڪنن پاران گل محمد جکراڻي جي گهر تي نيب جي ڇاپي خلاف احتجاج

 

 

ڪشمور ۾ پ پ ڪارڪنن پاران گل محمد جکراڻي جي گهر تي نيب جي ڇاپي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن موريو خان، نور احمد دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي نيب خلاف مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب بنا سبب سندن پارٽي اڳواڻن جي گهرن تي چڙهايون ڪري ڌمڪائي پئي، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.

سندن چوڻ هو ته نيب ۽ پي ٽي آءِ حڪومت رڳو طرفو احتساب چاهين ٿا، جڏهن ته جهانگير ترين ۽ عليما باجي خلاف ڪو به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن گهر ڪئي ته پ پ اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پريشان ڪرڻ بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتججا ڪيا ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.