ڪشمور،نئين ديري، کينجھو ۾ ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ ريليون، محفل

وامي آواز رپورٽ
ڪشمور،نئين ديري، کينجھو ۾ ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ ريليون، محفل
وامي آواز رپورٽ ڪشمور،نئين ديري، کينجھو ۾ ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ ريليون، محفل

 

ڪشمور،نئين ديري، کينجھو ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ ريليون ڪڍي محفلون ڪوٺايون ويون۔

ڪشمور جي درگاھ عاليه ڀرچونڊي شريف جي پير سائين ميان عبدالرزاق جي رھائش گاھ تي محفل ميلاد منعقد ڪئي وئي.

نئين ديري ۾ فقير عبدالرزاق سپڙو حافظ عابد چنو جي اڳواڻي ۾ غفاريا مسجد کان ريلي ڪڍي وئي.

کينجھو ويجھو اسڪول جي شاگردن پاران جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي، سرڪار جي آمد مرحبا جون صدائون لڳائيندا رهيا.

ان موقعي تي مقررن جو چوڻ هو ته آخري نبي صلي الله عليه وسلم جي آمد سڄي دنيا مان ڪفر جا ڪارا ڪڪر ختم ڪيا، هر طرف سندس نور جي روشني ٿي وئي.

هنن چيو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم پنهنجي پاڪ زندگي ۾ هميشه انسانيت ۽ دين اسلام جي پرچار ڪندي نماز، روزي ۽ هڪ الله پاڪ جي عبادت جي تاڪيد ڪئي.

سندن چوڻ هو ته مسجدن مدرسن ۽ گھرن کي سجايو پيو وڃي، مسلمانن ۽ مسئلن جو ڇوٽڪارو پاڻ صلعم جي ڏسيل راهه تي هلڻ سان آهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.