ڪراچي ۾ پيغام سنڌ مارچ جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا مهم، هر هنڌ آجيان

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ جي وحدانيت خلاف ھر سازش جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ 17 نومبر تي ڪراچي ۾ پيغام سنڌ مارچ جي ڪاميابي لاءِ  اڄ چوٿين ڏينهن به جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳوڻي ۾ جسقم مرڪزي قيادت سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطهر سومرو ۽ الاهي بخش بڪڪ، رضا هليو سان گڏ ڪراچي اُڀر ضلعي جي ڀٽائي آباد، بختاور ڳوٺ، سنڌ پبلڪ، عبدالله شاھ غازي، سن چپل سٽي، مخدوم بلاول، شر ڳوٺ، سيتا نگر، ذوالفقار ڳوٺ، سچل ڳوٺ مين گيٽ سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو وک وک تي شاندار استقبال ڪيو ويو، مٿس گلن جي ورکا ۽ اجرڪ اوڍيان ويا، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مختلف ڪارنر گڏجاڻين ۽ جلسن کي خطاب ڪندي چيو ته بنا سياسي، مذهبي، ڪنهن فرقي جي فرق بنا فقط سنڌيت جي ناتي سان سنڌ امڙ جي وارثي لاءِ 17 نومبر تي پيغام سنڌ مارچ ۾ شرڪت ڪري قومي ٻڌي جو اظهار ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌ جو انٽرنيشنل شهر آهي جنهن جي مالڪي لاءِ جدوجهد جو ميدان سينگاريو آهي، جڏهن ته ان موقعي تي امجد خان مهيسر، ديدار شام ۽ ڏاڏو اطهر سومرو ڳالهائيندي ڪراچي سنڌ جو تاريخي تخت گاھ آهي، جنهن جي وارثي لاءِ تاريخي جدوجهد پيا ڪريون، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر آغا شمشاد، جساف اڳواڻ ياور مهيسر، جسقم اڳواڻ  عامر مهيسر, اياز ديشي، ۽ ٻيا اڳواڻن سميت هزارين ماڻهو موجود هئا.0430

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.