ڪراچي ۾ مکين جي ذميوار پي ٽي آءِ قرار…!

 

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ گند تي هڪ سياست شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ به شامل آهي.

ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي ڪراچي جي ڪچري تي وڙهي رهيون آهن، گند تي سياست شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ به شامل آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سرڪاري کاتا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن: مراد علي شاهه

هن چيو ته اسان سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ٺاهي، ان وقت چار هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿيندو هو، هاڻ 16 هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿيندو آهي، حالتون سٺيون ناهن، شهر ۾ گند آهي، ڊپٽي ڪمشنرن کي شامل ڪيو، اهي به مدد ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ وارن جيڪو ڪچرو کنيو اهو روڊن جي ڀرسان رکي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته روڊ ڪناري ڪچري سان شهر ۾ مکيون وڌي ويون آهن، ڪي ايم سي کي فيوميگيشن جو چيو آهي.

You might also like