ڪراچي ۾ حبس ۽ گرمي، پد 46 ڊگري محسوس ٿيو….!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر ۾ سامونڊي هوائون بيهڻ جي ڪري حبس ۽ سخت گرمي جي ڪيفيت پيدا ٿي وئي.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ سامونڊي هوائن جي رفتار معمول کان گهٽ آهي جنهن جي ڪري حبس ۽ سخت گرمي آهي جڏهن ته منجهن 2 وڳي شهر جو گرمي پد 36.2 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ڪراچي جي روڊن تي بدترين ٽريفڪ جام، گرمي سبب شهري پريشان

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر جي گرمي پد جي شدت 46 ڊگري سينٽي گريڊ محسوس ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 54 سيڪڙو آهي.

يا رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي جي روڊن تي بدترين ٽريفڪ جام گرمي سبب  شهرين پريشان ٿي پيا هئا.

ڪراچي جي شهراهه فيصل تي آواري ٽاور ميٽروپول وٽ روڊ جي مرمتي ڪم ٿيڻ ڪري شاهراهه فيصل تي بدترين ٽريفڪ جام هئي ڪورنگي ڪراسنگ وٽ ٻه ڏينهن اڳ پيل برسات جو پاڻي صاف نه ٿي سگھيو هو تنهنڪري ڪورنگي ڪراسنگ وٽ ٽريفڪ جام ٻئي پاسي اولڊ سٽي ايريا ۾ ايم اي جناح روڊ مين صدر روڊ، ڪينٽ روڊ، پيپلز چورنگي کان جيل چورنگي ويندڙ رستو پڻ جام هو.

ٻئي پاسي موسميات کاتي شهر ۾ 35 کان 38 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو هو0 جڏهن ته اهو 44 سينٽي گريڊ محسوس ڪيوويو هو.

ڪراچي ۾ مون سون برساتن کان پوءِ موسم پنهنجو رخ مٽائي ڇڏيو سيپٽمبر جي شروعاتي هفتي ۾ گرمي سبب شهري پريشان آهن.

 

You might also like