ڪراچي مان گم ٿيل هندو نينگري وديا جو پتو نه پيو، وارث بيحال

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر ) نائين ڪلاس جي وديا کي آسمان کائي ويو يا زمين ڳهي وئي؟ ڪراچي جي ماڙيپور مان 4 مهينا اڳ گم ٿيل هنڌو نينگري جو پتو نه پئجي سگهيو، سندس والد راجيش  ڌيءِ جي ڳولا لاءِ پوليس آفيسرن توڙي انساني حقن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي مايوس ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾عوامي آواز پاران گڏ نڪيل معلومار موجب ڪراچي جي ضلعي ويسٽ جي ميڙيپور پوليس اسٽيشن جي حد مان 20 مئي تي گم ٿيل نائين ڪلاس جي شاگردياڻي  16 ورهين جي هندو نينگري وديا ڌيءَ راجيش ڪمار  جو هن وقت تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. ان حوالي سان پوليس اسٽيشن ماڙيپور تي سندس والد راجيش طرفان  گم ٿيڻ جي ايف آئي آر نمبر 118 درج ڪرائي وئي، جنهن تحت جاچ ڪندڙ پوليس آفيسر ارشد تنولي آءِ جي سنڌ جي حڪم تي جاچ ڪري رپورٽ ڏني، رپورٽ ۾ جاچ آفيسر چيو ته وديا 20 مئي 2019 واري ڏينهن جو 12 وڳين گهر ڀاتين کي ٻڌائڻ کانسواءَ گهران نڪري وئي جنهن جو پتو ناهي پئجي سگهيو. جاچ ڪري رهيا آهيون ڳولڻ جي ڪوشس ڪئي آهي پر وديا جو ڪو به سراخ نٿو ملي شڪ آهي ته وديا کي اغوا ڪيو ويو آهي.

وديا جي والد خوف سبب پٽ کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: نائين ڪلاس جي گم ٿيل هندو نينگري وديا جي والد راجيش روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پنهنجي ڌيءِ وديا ڏاڍي چالاڪ ۽ بردبار هئي خبر نٿي پوي ته ان کي ڪير کڻي ويو آهي جيڪڏهن هو شادي جي ڪري ڪنهن مسلمان سان نڪري وئي آهي ته پوءَ چار مهينا ظاهر ڇو ناهي ٿي، جيڪڏهن وديا کي ڪو هندو نوجوان شادي لاءِ وٺي ويو آهي ته پوءِ ان جي به خبر پوڻ گهرجي، هن چيو ته پوليس جو سڄو زور وديا جي موبائل جي ديٽا تي آهي ان جي موبائل ڊيٽا جي به پوليس جانچ ڪئي آهي ديٽا ۾ 17 ڇوڪرا رابطي ۾ آهن، هن چيو ته منهنجو مطالبو آهي ته وديا جي ڪيس ۾ انهن سمورن ڇوڪرن کي به شامل ڪيو ُوڃي، هن پوليس مٿان الزام مڙهندي چيو ته پوليس اسان کي همٿ ڏيڻ بدران اسان جي مقبري اسان جي مخالفن کان ڪرائي رهي آهي جيڪو سراسر نا انصاف آهي. نينگري وديا  جي گم ٿيڻ کانپوءِ سندس والد راجيش ڊپ مان پنهنجي 12 سالن جي پٽ ديپ کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو،راجيش جو چوڻ آهي ته اسان  غير مسلم آهيون ان ڪري پوليس اسان جي نٿي ٻڌي، پنهنجي ڌيءِ وديا کي گم ٿيندي 4 مهينا گذري ويا آهن پر پوليس  ڪو پتو ناهي لڳائي سگهي، ان ڪري ائين نه ٿئي جو پنهنجي معصوم پٽ ديپ کي ڪير اغوا ڪري وڃي ان ڪري ديپ کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو آهي، سندس پٽ ديپ 6 هين ڪلاس جو شاگرد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.