ڪراچي: سي پي اين اي ۽ سياسي پارٽين پاران حڪومت طرفان جوڙيل ميڊيا ٽربيونل رد

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: سي پي اين اي ۽ سياسي پارٽين پاران حڪومت طرفان جوڙيل ميڊيا ٽربيونل رد
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: سي پي اين اي ۽ سياسي پارٽين پاران حڪومت طرفان جوڙيل ميڊيا ٽربيونل رد

 

ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايسوسيئيشن حڪومت پاران جوڙيل ميڊيا ٽربيونل کي رد ڪندي ان خلاف هر پليٽ فارم تي آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

سي پي اين اي جي صدر عارف نظامي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ جي نمائيندن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميڊيا ٽربيونل ڪنهن به ريت قبول ناهي، وزيراعظم  ان کي ختم ڪري ٻي صورت ۾ مزاحمت ڪئي ويندي،

سي پي اين اي جي صدر عارف نظامي خطاب ڪندي چيو ته اخبارن لاءِ آرڊيننس نه هجڻ گهرجي، حڪومت سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر ميڊيا ٽربيونل قابل قبول نه آهي

سندس چوڻ هو ته ميڊيا ٽربيونل خلاف صحافي ۽ عوام روڊن تي نڪتا ته پوءِ ان کي روڪڻ مشڪل هوندو،

صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته وفاق آرڊيننس آڻڻ بدارن اسيمبلين ذريعي ڪم ڪري، تنقيد تي ڪجهه چئنل گم ٿي وڃن ٿا ۽ حمايت ڪندڙ چئنل هلن پيا، جتي اختلاف برداشت نه ڪيا ويندا اتي طاقت جو استعمال ڪيو ويندو آهي

صوبائي وزير چيو ته رائيٽ ٽو انفارميشن قانون ۽ ارڙهين ترميم تي حملو برداشت نه ڪيو ويندو، پ پ سي پي اين اي سان ان معاملي تي گڏ آهي، اميد آهي ته حڪومت آرڊيننس واپس وٺندي

نواز ليگ سنڌ جي صدر شآهه محمد شاهه به سي پي اين اي جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سويلين مارشل لا آهي جيڪا اصل مارشل لا کان وڌيڪ خطرناڪ آهي،

هن چيو ته وفاقي حڪومت رڳو آرڊيننس جاري ڪري پئي، ان جي عتاب ۾ ميڊيا به اچي وئي آهي، ٽربيونل ذريعي ميڊيا جو آواز دٻايو پيو وڃي،

نواز ليگ پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر به سي پي اين اي جي حمايت ڪندي،

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي سرڪار ڪشمير وڪرو ڪيو، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال به خراب آهي

سنڌ ۾ مذهبي جهيڙا پيدا ڪرايا پيا وڃن، پر واضع ٿو ڪيان ته سنڌ ۾فرقيوارڻو يا مذهبي جهيڙو ناهي،

پي ٽي آءِ ايم پي اي جمال صديقي چيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت ٽربيونل جوڙيو آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪن شين تي اعتراض آهي ته ترميم ڪري سگهجي ٿي، ان لاءِ رهنمائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.