ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نمرتا قتل خلاف ريليون، تصوير آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نمرتا قتل خلاف ريليون، تصوير آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نمرتا قتل خلاف ريليون، تصوير آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش

 

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ هندو برادري جي ماڻهن پاران چانڊڪا يونيورسٽي ۾ مبينا قتل ٿيل شاگردياڻي نمرتا کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ريليون ڪڍي، پريس ڪلبن ٻاهران ڏيئا ٻاري ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو.

ڪراچي، حيدرآباد، گهوٽڪي، ڏهرڪي، لاڙڪاڻو، مدئجي، ڊگهڙي، سڪرنڊ، نوابشاهه، اوٻاوڙو، جروار، ميهڙ، شهدادپور، ڪڍڻ، ڪنڌڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽو، بخشاپور، گمبٽ ۽ ٻين شهرن ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن، سماجي تنظيمن ۽ اقليتي برادري جي ماڻهن ڌار ڌار ريليون ڪڍي شاگرياڻي نمرتا جي قتل خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاجن ۾ شامل ماڻهن نمرتا جي تصوير تي گُل نڇاور ڪرڻ بعد ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا ڏني وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر هٿ سان امن تباھ ڪرڻ جون سازشو ڪري تعليمي ادارن ۾ حراس پکيرڻ لاءِ نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته نمرتا هڪ بهترين ڊاڪٽر هجڻ سان گڏ سوشل ورڪر به هئي، جيڪا هميشا ٻين کي سهارو ڏيندي هئي، اهڙي بهادر نياڻي آپگهات نٿي ڪريس گهي، يونيورسٽي انتظاميا آپگهات جو رنگ ڏئي شاگردياڻي جو ناحق خون لوڙهڻ چاهي ٿي.

هنن سپريم ڪورٽ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي عدالتي جاچ ڪرائي قتل ڪيس ۾ شامل جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏئي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.