ڪراچي جو ڪو به شهري چڱي حال ۾ ناهي…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته ڪراچي کي ميٽنگ ۽ ڪميٽين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي مليو، ڪراچي جا ٽي ڪروڙ شهري ڏکيائي ۾ آهن، ڪير چڱي حال ۾ ناهي، مسئلا فوري حل طلب آهن وزير اعظم صاحب ڪراچي اچو ۽ فنڊڏيو.

تفصيل موجب ڪراچي جي ميئر وسيم اختر قائد اعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري، گلن چاڙهيا ۽ فاتح خواني ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪراچي جي ميئر ڪراچي چيو ته اسان سڀني کي قائد اعظم جي ٻڌايل رستي تي هلڻ گهرجي،  ڪراچي جا 3 ڪروڙ شهري ڏکيائي ۾ آهن، 6 مهينن کان ڪوشش آهي ته وفاق وڌي ڪراچي جا مسئلا حل ڪري.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ميئر ڪراچي وسيم اختر، مصطفيٰ ڪمال کي معطل ڪري ڇڏيو

وسيم اختر جو چوڻ هو ته ڪراچي کي مٽنگ ۽ ڪميٽين کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي مليو، ڪراچي جي مسئلن تي ڪنهن طرفان سنجيدگي نظر ناهي اچي رهي، مسئلن فوري حل طلب آهن، وفاق ڪهڙي ڳالهه جو انتظار ڪري رهيو آهي، بيماريون پکڙجي رهيون آهن، ڪراچي کي خي خاص فنڊ گهربل آهن.

ڪراچي جي ميئر چيو ته وفاق سمجهي ڇڏي ته اڄ گرانٽ ملي ته نتيجو هڪ سال کان پوءِ ملندي، عوام پريشان آهي، ڪراچي ٽيڪس ڏيندو آهي ان کي حق ڏنو وڃي، وزير اعظم صاحب ڪراچي اچي ۽ فنڊ ڏيو.

سندس چوڻ هو ته هر شخص مشورو ڏيندو اهي ڪراچي کي فنڊ ڪير به ناهي ڏيندو، اسان ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون پر وسيلا ناهن.

بلديا ٽائون فيڪٽري سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ تي وسيم اختر چيو ته بلديا ٽائون فيڪٽري سانحي جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي ڪو به نٿو ڏئي سگهان.

ڪراچي جي ميئر جو چوڻ هو ته ڪميٽي ۾ چونڊيل ميمبرن تي ٻڌل هجي ۽ فوري فنڊن جاري ڪيا وڃن، 3 سالن کان آواز اٿاري رهيا آهيون ته بلديا جي کاتي واپس ڪيا وڃن، سنڌ حڪومت نه ٻڌي ته وفاق جو در کڙڪايو پر ڪجهه به نه مليو.

You might also like