ڪراچي: جمعي جي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب، فريال ٽالپر جا پراڊڪشن آرڊر پڌرا

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: جمعي جي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب، فريال ٽالپر جا پراڊڪشن آرڊر پڌرا
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: جمعي جي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب، فريال ٽالپر جا پراڊڪشن آرڊر پڌرا

 

گورنر سنڌ عمران اسماعيل 13 سيٽمبر تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائي ورتو، جڏهن ته ايم پي اي فريال ٽالپر جا پراڊڪشن آرڊر پڻ جاري ڪيا ويا.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي جي ڏينهن 2 وڳي سنڌ اسيمبلي جي عمارت ۾ سڏايو آهي، ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق ايم پي اي فريال ٽالپر جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪندي پنجاب حڪومت ۽ جيل انتظاميا کي موڪلي ڇڏيا آهن

ذريعن موجب پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي پراڊڪشن آرڊر تحت اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اجازت نه ملڻ جي صورت ۾ پ پ اڳواڻ لاهور ۾ سي ايم هائوس آڏو احتجاج ڪندا، جنهن ۾ پ پ جا چونڊيل نمائندا ۽ اڳواڻ شرڪت ڪندا

You might also like