ڪراچي تي وفاق جي قبضي جو ”آئيني“ ڄار تيار، مزاحمت ڪنداسين : سنڌ سرڪار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار ڪراچي بابت ڪميٽي جي نالي تي ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون آهي، جنهن جي تصديق ڪندي ڪراچي ڪميٽي جي سربراهه ۽ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته  ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 (4) لاڳو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.

قانون واري وزير فروغ نسيم آئين نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، مسئلن جي حل لاءَ سخت قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته آرٽيڪل 149 وفاقي سرڪار کي خصوصي اختيار ڏئي ٿو.  ته مسئلن جي حل لاءِ حڪم ڏئي. ڪراچي بابت به ان ئي آرٽيڪل تحت وفاقي سرڪار حڪم ڏئي سگهي ٿي.. فروغ نسيم چيو ته مان پاڻ به آرٽيڪل 149(4) لاڳو ڪرڻ جي حق ۾ آهيان، هن چيو ته آرٽيڪل 149 گورنر راڄ جي ڳالهه نه ٿو ڪري. سمورا تفصيل نه ٿو ڏئي سگهان، انتظار ڪيو وڃي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي مسئلن جي حل خاطر رڳو پنهنجي پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي هئي، چيو پيو وڃي ته ان ڪميٽي ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ان ڪميٽي کي تعصباڻي ڪميٽي قرار ڏيندي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، هاڻ وري قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم انڪشاف ڪيو آهي ته وفاقي سرڪار ڪراچي ۾ آئين جو آرٽيڪل 149(4) لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ متحده سنڌ ٽوڙڻ چاهين ٿيون:بلاول

هواڏانهن  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسان گڏجي آمريت ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو آهي، هن وقت جمهوريت تي حملو ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت عوام جو معاشي قتل ڪري رهي آهي، ٿاڻو احمد خان ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر  ملڪ اسد سڪندر جي امڙ جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ڪراچي جي دوري جي حوالي سان ڪا به خبر نه آهي، اهي صرف فوٽو سيشن ۽ تماشي جي لاءِ ايندا آهن ۽ ڪراچي جي صفائي مهم جي نالي تي هڪ جڳهه تان ڪچرو کڻي ٻي جڳهه تي اڇلائيندا آهن، هن چيو ته سيليڪٽڊ جي حڪومت غلطي تي غلطي ڪري رهي آهي ۽ ان ڪٽ پتلي حڪومت جيڪا معيشت جي تباهي ڪئي آهي اها برداشت جي قابل نه آهي، هن ڪشمير جي حوالي سان چيو ته ڪشمير جي معاملي تي به حڪومت جي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ وفاقي حڪومت نه فقط ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ بلڪه ڪشمير جهڙي نازڪ مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ به ناڪام ٿي چڪي آهي، هن چيو ته مودي جي حڪومت ڪشميرين کي جيل ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ انهن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم ڪشمير جي لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ وزيراعظم کي گهرجي ها ته هو ڪشميرين جو سفير ٿئي ها، پر عمران خان نالائق آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ سياسي جماعت آهي ۽ پارٽي جا ڪارڪن هڪ ڪٽنب وانگر آهن، پيپلزپارٽي جو چٽو موقف آهي ته اين ايف سي ايوارڊ موجب صوبي کي جيڪو حق ملڻ گهرجي اهو نه پيو ڏنو وڃي، اسين عوام جي مسئلن جي حل لاءِ مختلف طريقن سان ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته وفاقي حڪومت اهو سمجهي ٿي ته هو مخالف ڌر تي ڪيس ٺاهي انهن کي بليڪ ميل ڪندي، پر اسانجو چوڻ آهي ته جنهن کي کپي جيل ۾ وجهو اسان پنهنجو موقف تبديل نه ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان جي احتجاج جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته احتجاج تي هو مولانا جي اخلاقي حمايت ڪندا ۽ هن ڪٺ پتلي وزيراعظم کي گهر وڃڻو پوندو، بلاول ڀٽو ڪراچي جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي کي غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو، پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت ڪميٽي پويان ڪمٽي ٺاهي ڊرامي بازي بند ڪري، ڪراچي جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي غير آئيني آهي،پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته جي ڊي اي ۽ ڪٺ پُتلي اتحاد جي منشور ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري ڳالهه هئي، ڪراچي ڪميٽي جو قيام به اُن سلسلي جي ڪڙي آهي،ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر طارق علي شاهه ڄاموٽ سان سندس امڙ ۽ لطيف آباد ۾ پ پ ايم پي اي جبار خان سان سندس ننڍي ڀاءُ عباس خان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري جي حيدرآباد آمد جي موقعي تي راجپوتا اسپتال وٽ ڪارڪنن پاران سندس استقبال ڪيو ويو ۽ پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا،هوڏانهن  پ پ پ جو چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ 12 سيپٽمبر تي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ موجوده ايم پي اي فياض علي خان ٻٽ ، امتياز علي پاشا خان ٻٽ سان سندن فوت ٿي ويل ڀاءُ مرحوم زوار عمران علي ٻٽ جي   تعزيت لاءِ سندس ڳوٺ  ٻٽ سرائي ۾ اچي رهيو آھي  بلاول  ڀٽو زرداري جي اچڻ تي ٻٽ سرائي ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن

ڪراچي ڪميٽي پهرين ڏينهن کان تڪراري بڻجي وئي: اياز لطيف

ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف  پليجي ڪراچي ڪميٽي کي رد ڪندي چيو آھي ته جيڪڏھن پاڪستان جي سڀني وڏن شھرن جي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ھر صوبي ۾ ڪميٽيون ٺاھيون وڃن ھا ته سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جي ڪميٽي به ٺھي سگھي ٿي يا جيڪڏھن ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي حقيقي خواھش آھي ته ته وفاق جي ٺاھيل ھن ڪراچي ڪميٽي ۾ سنڌي، اردو، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ڳالھائيندڙن جي سنڌ جي 2017ع جي آدمشماري جي حساب سان نمائندگي ھجي ھا جيڪڏھن ان ۾ به مشڪلات ھئي ته ان ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، نواز ليگ، اي اين پي، قومي عوامي تحريڪ، فنڪشنل ليگ، پاڪ سر زمين پارٽي، جي يو آءِ، جي ڊي اي، ايس يو پي، ايم ڪيو ايم، جي يو پي، مجلس وحدت مسلمين، ايس ٽي پي ۽ سول سوسائٽي وغيره کي به نمائندگي ڏني وڃي ھا ۽ اقليتن کي به شامل ڪيو وڃي ھا۔ اياز لطيف پليجي چيو ته صرف ٻن پارٽين جي فقط ھڪ ئي ٻولي ڳالھائيندڙ ميمبرن جي شموليت سان ھي ڪميٽي قيام جي پھرئين ڏينهن کان تڪراري ٿي چڪي آھي ۽ ھن عمل سان تفريق، تعصب، نسل پرستي ۽ لسانيت جو تاثر ملي رھيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ ھن ڪميٽي کي فوري رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي۔

 

You might also like