ڪراچي: اسڪائوٽ آڊيٽوريم ۾ نوجوانن جا مسئلا اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: اسڪائوٽ آڊيٽوريم ۾ نوجوانن جا مسئلا اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: اسڪائوٽ آڊيٽوريم ۾ نوجوانن جا مسئلا اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب

 

ڪراچي جي اسڪائوٽ آڊيٽوريم ۾ سنڌ سرڪار جي سهڪار سان نوجوانن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊائلاگ پروگرام ڪرايو ويو

پروگرام ۾ سنڌ اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس کاتي جي سيڪريٽري اختر حسين بگٽي. وي ايس او جي خورشيد خان. سينئر صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪاليجن يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نوجوان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي تعليم روزگار جي مسئلن سميت پارليامينٽ ۾ نوجوانن جي نمائندگي بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪيون

هنن چيو ته فوري طور نوجوانن لاءِ تعليم ۽ روزگار جا بهتر موقعا پيدا ڪري، نوجوانن کي اڳتي آندو وڃي

مقررن چيو ته نوجوان اسان جو سرمايو آهن ان ڪري نوجوانن جي تعليم روزگار سميت انهن جي مسئلن کي حل وقت جي اهم ضرورت آهي

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل سان گڏجي سنڌ سميت ملڪ جي ترقيءَ لاءِ هڪ ٿيڻ گهرجي، نوجوان نسل کي سماجي براين مان ٻاهر ڪڍي تعليم روزگار طرف آندو ويندو تڏهن ئي ملڪ ترقي ڪري سگهندو

You might also like