کپري سب جيل ۾ ڪارو ڪاري الزام هيٺ قيد همراهه فوت

کپرو (ن ع آ) کپرو ويجهو ڳوٺ در محمد خيبر ۾ ڪارو ڪاري الزام ۾ لاڪ اپ ٿيل 55 ورهين جو موسيٰ ولد محمد بچل خيبر سب جيل کپرو ۾ فوت ٿي ويو آھي فوتي بابت جيل انتظاميه ٻڌايو ته فوتي جوابدار جگر جي عارضي ۾  مبتلا هيو جنهن کي علاج لاءِ کپرو تعلقي اسپتال ۾ وٺي ويندا هئاسين جوابدار هڪ سال اڳ ۾ڪارو ڪاري جي الزام ۾ پنهنجي زال نسيم ۽  ڌيءُ جميلا  کي ڪهاڙين  جا وار ڪري قتل ڪيو هو جوابدار مٿان کپرو ٿاڻي قتل ڪيس داخل هو فوتي جو مڙھه کپري انتظاميا پوسٽ مارٽم لاءِ کپري تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.