کپرو: مالهي برادري جي سڏ تي رجنيش ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
کپرو: مالهي برادري جي سڏ تي رجنيش ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ کپرو: مالهي برادري جي سڏ تي رجنيش ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

 

کپري ۾ مالهي برادري جي سڏ تي رجنيش مالهي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار پونجو ڀيل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

شهرين راجيش ڪمار، منوج ۽ حيات سميجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان راجنيش مالهي جو قاتل پونجو ڀيل سري عام سرڪاري گاڏي چاڙهي قتل ڪرڻ بعد هاڻي پاڻ بچائڻ لاءِ سياسي رنگ ڏئي رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري مقتول شاگرد جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

You might also like