قمبر: کنڀي گم ڪيل عبدالحفيظ ۽ عبدالستار هڪڙو جي باريابي لاءِ وارثن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
قمبر: گم ڪيل عبدالحفيظ ۽ عبدالستار هڪڙو جي باريابي لاءِ وارثن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ قمبر: گم ڪيل عبدالحفيظ ۽ عبدالستار هڪڙو جي باريابي لاءِ وارثن جو احتجاج

قمبر مان چار مهينه اڳ کنڀي گم ڪيل عبدالحفيظ ۽ عبدالستار هڪڙو جي وارثن جو نوجوانن جي بازيابي لاءِ احتجاج

نوجوانن جي وارثن عبدالجبار هڪڙو، رياض حسين هڪڙو، انور علي هڪڙو، ۽ ٻين ڀٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي نوجوانن جي وارثن چيو ته چار مهينه اڳ اسان جي نوجوانن کي گم ڪيو ويو آهي انهن وڌيڪ چيو ته اسان جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي کنڀي گم ڪيل نوجوانن جا ٻارڙا ۽ والدين سخت پريشان آهن.

هي به ڏسي سگھو ٿا: آمريڪا ٽي ٽي پي سربراهه سوڌو 13 ڄڻن کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

نوجوانن جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽس وٺي اسان جي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي